تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** صفيه رضي الله عنها ام المؤمنين **

صفيه رضي الله عنها (ام المؤمنين): حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي حرم (گهر واري) پاڪ بي بي صفيه رضي الله عنها جو اصل نالو زينبرضه هو. عرب ۾ غنيمت جي مال مان انهيءَ حصي کي جيڪو بادشاهه کي ملي، تنهن کي صفيه چون ٿا. بي بي زينبرضه جيئن ته خيبر جي جنگ ۾ قيد ٿي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي حصي ۾ آئي، ان ڪري سندس نالو صفيهرضه پئجي ويو. صفيهرضه جو پيءُ بنو نضير قبيلي جو سردار هو ۽ سندس والده قريضه قبيلي جي رئيس سمول جي ڌيءَ هئي، ان جي پيءُ حيي بن اخطب ۽ چاچي مسلمانن خلاف ٿيندڙ گهڻين جنگين ۾ حصو ورتو هو. بي بي صفيهرضه جو پيءُ انهن ماڻهن مان هو، جيڪي خيبر ۾ وڃي آباد ٿيا هئا. خيبر جي فتح کان پوءِ جڏهن هيءَ مسلمانن وٽ قيد ٿي غنيمت جي مال ۾ آئي ته کيس حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي لاءِ پسند فرمايو ۽ 7 هجريءَ ۾ حضرت صفيهرضه جي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم سان شادي ٿي ۽ 10 هجريءَ ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سان گڏ حج ڪيائين. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي آخري ڏينهن ۾ تمام گهڻي خدمت ڪيائين. حضرت صفيه رضي الله عنها 35 هجريءَ ۾ حضرت عثمان رضي الله عنه جي مٿس گهيري دورا....وڌيڪ پڙهو